اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ضمانت بابت ڪيس ۾ حاضري کان ڇوٽ بابت درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.
عمران خان جي ليگل ٽيم عبوري اڄ حاضري کان ڇوٽ بابت درخواست داخل ڪرائي وئي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پي ڊي ايم طرفان سپريم ڪورٽ ٻاهران احتجاج ڪيو ويو، عمران خان جي پيشي جي موقعي تي امن امان جو مسئلو ٿي سگهي ٿو.
درخواست ۾ چيو ويو ته عدالتي حڪم تي ضمانتن لاءِ عمران خان لاڳاپيل فورمز سان رابطو ڪري رهيو آهي، اڄ حاضري کان ڇوٽ بابت درخواست منظور ڪئي وڃي.
ياد رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان رمنا ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ عبوري ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي.