9 مئي تي جناح هائوس تي وڳوڙين جي حملي بابت ڇرڪائيندڙ اهم تفصيل سامهون اچي ويا آهن.
تفصيلن موجب جناح هائوس تي پوري رٿابندي ۽ ڪو آرڊينيشن سان گڏ سوچيل سمجهيل طريقي سان حملو ڪيو ويو هو.
حملي ۾ ڪجهه وڳوڙي اڳواڻن جي سڌي ريت شرڪت ۽ رهنمائي شامل هئي.
9 مئي تي مظاهرين 2 وڄي 35 منٽن تي زمان پارڪ ۾ گڏ ٿيڻ شروع ٿيا، 3 وڄي 20 منٽن تي ياسمين راشد ۽ ٻيا اڳواڻ لبرٽي چوڪ تي پهتا ها.
4وڄي 5 منٽن تي مڇريل هجوم ڪينٽ طرف رخ ڪيو، 5 وڄي 15 منٽن تي وڳوڙين جناح هائوس تي پهريون حملو ڪيو جيڪو ناڪام بڻايو ويو.
5 وڄي 27 منٽن تي وڳوڙي ٻيهر جناح هائوس ۾ داخل ٿي 6 وڳي ڀڃ ڊاهه شروع ڪئي ۽ 6 وڄي 7 منٽن تي جناح هائوس کي باهه ڏئي ڇڏي.
تفيصلن موجب جناح هائوس جي تباهي جو سلسلو رات 8 وڳي تائين جاري رهيو، ان کان علاوه ملڪ جي باقي علائقن ۾ 200 کان وڌيڪ هنڌن تي فوجي ۽ سرڪاري ملڪيتن تي وڳوڙين حملا ڪري ملڪ نقصان پهچايو.