مولوي عبدالڪبير کي افغانستان جو نئون وزيراعظم مقرر ڪيو ويو آهي.
افغان ميڊيا موجب، طالبان جي سپريم ليڊر ملان هيبت الله اخوند زاده، مولوي عبدالڪبير کي نئون وزيراعظم مقرر ڪيو.
رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته مولوي عبدالڪبير، ملان محمد حسن اخوند جي جاءِ تي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀاليندو.
ان کان اڳ مولوي عبدالڪبير سياسي معاملن بابت نائب وزيراعظم هو.
وزيراعظم ملان محمد حسن اخوند کي طبيعت ناساز هئڻ سبب عهدي تان هٽايو ويو.