صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انا، زبردستي يا عاجزي جي حڪمت، ڪهڙي روش کي غالب اچڻ گهرجي؟، هو درگذر سان تڪرار حل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا، سڀني تي زور ڀريندو رهيو آهي ته موجوده صورتحال جو حل تلاش ڪريو، اڄ جي ڪابه سياسي پارٽي ڪڏهن به پاڪستان مخالف ناهي رهي، ڪابه پارٽي غدارن تي ٻڌل ناهي.
جاري ڪيل بيان ۾ صدر عارف علوي چيو ته ايران ۽ سعودي عرب ۾ قائم ٿيندڙ امن غير معمولي آهي، اهو قدم عظيم اڳواڻن جي سوچ ۾ غير معمولي تبديلي جي نشاندهي ڪري ٿو، ڇا سندن قيادت به ايران ۽ سعودي قيادت جهيڙي عظمت جو مظاهرو ڪري سگهي ٿي؟.
سندس چوڻ هو ته ڪابه سياسي پارٽي ڪڏهن به ملڪ مخالف ناهي رهي نه ئي غدارن تي ٻڌل آهي، هو سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي چئي ٿو ته هو ٻيهر سوچن.
صدر عارف علوي چيو ته هو ذاتي طور سياسي حلقن ۾ ڪيترن ئي قابل ماڻهن کي سڃاڻي ٿو، روز جا واقعا ۽ سخت بيان بازي ماڻهن جي سوچ کي متاثر ڪندا آهن، سياسي تاريخ ۾ ڪيترائي تجربا ڪيا آهن، ڪيتريون ئي قلابازيون کاڌيون آهن.