پنجاب جي نگران اطلاعات کاتي واري وزير عامر مير چيو آهي ته انٽيليجنس اطلاع آهن ته پاڪ فوج جي ٿاڪن تي حملن ۾ ملوث 30 کان 40 دهشتگردن زمان پارڪ ۾ پناهه ورتي آهي، پي ٽي آءِ کي درخواست آهي ته 24 ڪلاڪن ۾ دهشتگردن کي پنجاب پوليس حوالي ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي، فيصلو ٿي ويو آهي ته دهشتگردن جو ٽرائل فوجي عدالت ۾ ٿيندو، 34سئو جوابدار گرفتار ٿي چڪا آهن، 254 ڪيس داخل ٿيا ۽ سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عامر مير چيو ته انٽيليجنس اطلاع آهن ته پاڪ فوج جي ٿاڪن تي حملن ۾ ملوث 30 کان 40 دهشتگردن زمان پارڪ ۾ پناهه ورتي آهي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ کي درخواست آهي ته 24 ڪلاڪن ۾ دهشتگردن کي پنجاب پوليس حوالي ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.
صوبائي وزير عامر مير چيو ته فيصلو ٿي ويو آهي ته دهشتگردن جو ٽرائل فوجي عدالت ۾ ٿيندو، 34سئو جوابدار گرفتار ٿي چڪا آهن، 254 ڪيس داخل ٿيا ۽ سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.
هن چيو ته پنجاب حڪومت وڳوڙن خلاف پوليس جي ٻڌل هٿن کي کولي ڇڏيو آهي، هاڻي ڪنهن رياست جي رٽ کي چئلينج ڪيو ته ياد رکي فواد چوڌري کان وڌيڪ تيز ڊوڙڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ عورتون دهشتگردي لاءِ مردن کان به اڳتي آهن، تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ وڳوڙن پاڪ فوج جي ٿاڪن تي حملا ڪيا جنهن جي رٿابندي اڳ ڪئي وئي هئي.
پنجاب جي نگران اطلاعات کاتي واري وزير عامر مير چيو ته پي ٽي آءِ هڪ نان اسٽيٽ ايڪٽر روپ اختيار ڪندي پئي وڃي، عمران خان گرفتاري کان اڳ ڌمڪي وارو بيان ڏنو هو، عمران خان هڪ سال کان فوج ۽ فوجي قيادت خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته نگران حڪومت زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، حملا سولائي سان روڪي سگهجن ٿا پر پوليس کي هٿيار استعمال ڪرڻ جي اجازت نه هئي نگران حڪومت نٿي چاهي ته لاش ڪرن، هاڻي پنجاب پوليس کي ڦري هينڊ ڏنو ويو آهي.
پنجاب جي نگران اطلاعات کاتي واري وزير عامر مير چيو ته ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ حملي وقت ڪيترن ئي ماڻهن جو زمان پارڪ سان رابطو هو، کين عبرت جو نشان بڻايو ويندو ته جيئن اڳتي ڪير به اهڙي حرڪت نه ڪري، 9 مئي پي ٽي آءِ جي وڳوڙن ريڊ لائن پار ڪئي هئي طئي ڪيو ويو آهي ته دهشتگردي جي وائرس جو علاج ويڪسين سان نه سرجري سان ٿيندو، هاڻي وڳوڙي هٿيار استعمال ڪندا ته پوليس به هٿيار استعمال ڪندي……..