غربت جي خاتمي واري وفاقي وزير شازيامري چيو آهي ته وڳوڙي جٿن سرڪاري ملڪيتن تي حملا ڪيا، کين سختيءَ سان منهن ڏيڻ گهرجي، عوام مطالبو ڪري رهيو آهي ته وڳوڙين خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، عمران خان ماڻهن کي ماڻهن کي فتني لاءِ ڀڙڪايو، جنهن جا ڀڙڪائڻ جا ثبوت موجود آهن، پاڪستان پهريان آهي سياست بعد ۾ آهي.
ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شازيا مري چيو ته عمران خان ڳالهين ذريعي مسئلن جي حل جي ڪوشش کي متاثر ڪيو.
هن چيو ته وڳوڙي جٿن سرڪاري ملڪيتن تي حملا ڪيا، کين سختيءَ سان منهن ڏيڻ گهرجي، عوام مطالبو ڪري رهيو آهي ته وڳوڙين خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
شازيا مري چيو ته عمران خان ماڻهن کي ماڻهن کي فتني لاءِ ڀڙڪايو، جنهن جا ڀڙڪائڻ جا ثبوت موجود آهن، پاڪستان پهريان آهي سياست بعد ۾ آهي.
وفاقي وزير چيو ته پ پ ڳالهين جي حامي آهي پر دهشتگردن سان ڳالهيون ناهن ٿينديون، شهيدن جي بي حرمتي ڪرڻ تي عمران خان معافي وٺي پوءِ کي ساڻس ڳالهيون ٿينديون.
ان موقعي تي مرتضيٰ وهاب چيو ته قوم وڳوڙي ڪاررواين جي مذمت ڪئي، محب وطن شهري ڪڏهن به رياست کي نقصان ناهن پهچائيندو.
هن چيو ته عمران خان جيڪڏهن بهادر هجي ها ته ڪارڪنن سان گڏ جيل ۾ رهي ها، عمران خان پنهنجي ضد ۽ انا جو غلام آهي.
مرتضيٰ وهاب چيو ته ملڪ مستحڪم هوندو ته هو ۽ عوام به هوندو، ذات خاطر ملڪ کي نقصان ناهي پهچايو ويندو.