تحريڪ انصاف اڳواڻ عامر ڪيانيءَ به پارٽي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
پي ٽي آءِ ۾ اڳواڻن طرفان پارٽي ڇڏڻ جو سلسلو جاري آهي، محمود مولويءَ کان پوءِ عامر ڪيانيءَ به تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب عامر ڪياني شام پنجين وڳي باضابطا طور پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪندو.
ان کانسواءِ لاهور جي تڪ 149 جي ٽڪيٽ هولڊر به پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ واپس ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
گذريل ڪراچي مان چونڊيل ايم اين اي محمود مولوي پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو.