پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير علي زيديءَ 9 مئي تي وڳوڙن جي مذمت ڪندي پي ٽي آءِ ڇڏڻ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي، سندس چوڻ آهي ته پر امن احتجاج آئيني حق آهي، پر 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو، اها دهشتگردي آهي، هو 9 مئي واقعن جي مذمت ڪري ٿو، تشدد جي حمايت نه ٿو ڪري سگهي، پي ٽي آءِ تڏهن ڇڏيندو، جڏهن ته عمران خان ڇڏيندو.
ڪراچي ۾ خانگي اسپتال ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي علي زيدي چيو ته ڪور ڪمانڊر لاهور جي گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڏسي افسوس ٿيو، ريڊيو پاڪستان کي ساڙيو ويو، شهيد جي يادگار کي ساڙڻ سبب وڌيڪ تڪليف ٿي.
هن چيو ته پر امن احتجاج آئيني حق آهي، پر 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو، اها دهشتگردي آهي، هو 9 مئي واقعن جي مذمت ڪري ٿو، تشدد جي حمايت نه ٿو ڪري سگهي.
علي زيدي چيو ته سندس سياسي پيدائش تحريڪ انصاف ۾ٿي، هو عمران خان کانسواءِ ٻيو ڪنهن کي سياستدان نه ٿو سمجهي، تحريڪ انصاف ان ڏينهن ڇڏيندو جڏهن عمران خان ڇڏيندو، تحريڪ انصاف سندس پارٽي، ڇڏڻ لاءِ ڪو به دٻاءُ نٿو وجهي سگهي.
ميڊيا سان ڳالهائڻ علي زيدي لڙڪ لاڙي ويٺو، سندس چوڻ هو ته کيس افسوس آهي ته پارٽي اندران اهڙا آواز اچي رهيا آهن.
علي زيدي چيو ته هن درخواست ڪئي هئي، چيلهه ۾ تڪليف آهي، ڊاڪٽرن ايڪسري ڪرائڻ لاءِ چيو آهي.