ناليواري آرٽسٽ سحر شاهه جي نوجوان ڀاءُ پارس شاهه جي قاتل کي سانگهڙ پوليس تلهار مان گرفتار ڪري ورتو آهي.
ايس ايس پي سانگهڙ جو چوڻ آهي ته نوجوان پارس شاهه کي سندس گهرواري فرزانه شاهه قتل ڪرايو آهي، جوابدار اسرار شاهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي.
پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايس پي سانگهڙ بشير بروهي چيو ته حيدرآباد جي ڀٽائي نگر جي رهواسي نوجوان پارس شاهه پٽ ماڪن شاهه رضوي کي گهر اندر قتل ڪيو ويو.
هن چيو ته وارثن جي اسرار تي جاچ سانگهڙ پوليس حوالي ڪئي وئي، جديد ٽيڪنالوجي استعمال ڪندي تلهار مان جوابدار اسرار شاهه کي گرفتار ڪيو ، جوابدار اسرار شاهه ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي.
جوابدار اسرار شاهه اعتراف ڪندي ٻڌايو ته پارس شاهه جي گهرواري فرزانه شاهه جي چوڻ تي کيس قتل ڪيو ۽ ديدار شاهه به ساڻس گڏ هو، سندس فرزانه شاهه سان پراڻا لاڳاپا هئا، پارس شاهه سندس ئي گهر ۾ شيشي جون بوتلون هڻي قتل ڪيو.