سنڌ اسيمبليءَ ۾ پي ٽي آءِ جي ٻن ميمبرن پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي.
تحريڪ انصاف جي ايم پي سي ڊاڪٽر سنجي گنگواڻي پارٽي ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪيو.
سندس چوڻ هو ته ڪور ڪمانڊر هائوس ۽ شهيدن جي يادگار تي حملن جي هو مذمت ڪري ٿو، اهڙي صورتحال ۾ هو پارٽي ۾ نه ٿو رهي سگهي.
پي ٽي آءِ ميمبر ڪريم گبول به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو.
جاري ڪيل بيان ۾ ڪريم گبول چيو ته جي ايڇ ڪيو ۽ ڪور ڪمانڊر جي گهر تي حملن جي هو مذمت ڪري ٿو.
ڪريم بخش گبول پي ايس 100 تي ايم پي اي چونڊيو ويو هو، جڏهن ته ڊاڪٽر سنجي گنگواڻي مخصوص سيٽ تي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر آهي.