مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين، 9 مئي واقعن بعد تحريڪ انصاف تي پابنديءَ جو مطالبو ڪيو آهي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري شجاعت حسين چيو ته عمران خان ليڊر بڻجندو آهي ۽ ماڻهن کي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ لاءِ ڀڙڪائي ٿو، تحريڪ انصاف ۽ سندن ماڻهن تي پابندي وجهڻ گهرجي.
هن چيو ته جنرل عاصم منير پاڪ فوج جو سپهه سالار آهي، جيڪو به سندس خلاف ڳالهائيندو اهو ملڪ خلاف ڳالهائيندو.
چوڌري شجاعت حسين چيو ته هاڻي ڪنهن سياسي پارٽي نه پر ملڪي بقا جو مسئلو آهي، ان تي سمورين پارٽيون هڪ ٿي وڃن.
ق ليگ سربراهه چيو ته هي ماڻهو پنهنجي سياست چمڪائڻ لاءِ جلسا ڪري رهيا آهن پر اهي ڪامياب نه ٿيندا، پي ٽي آءِ خلاف آفيشل سيڪريٽ ۽ آرمي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ٿيڻ گهرجن ۽ ٿيندا.
چوڌري شجاعت حسين چيو ته جيڪو به پاڪستان خلاف ڳالهائيندو، ان کي سزا ملندي، پهرين ڏينهن کان سندن موقف آهي ته پاڪستان ۾ اليڪشن هڪ ئي وقت ٿيڻ گهرجي.
ق ليگ سربراهه چيو ته اليڪشن ٿئي يا نه ٿئي پر پي ٽي آءِ کي پنهنجي مستقبل بابت جلد خبر پئجي ويندي.