وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته 9 مئي واقعن جون پاڙون عمران خان جي تقريرن ۾ لڪل آهن.
سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئٽر تي ٽوئٽ ڪندي شهبازشريف چيو ته عمران خان پنهنجي سياسي تحريڪ کي حق ۽ باطل وچ ۾ جنگ قرار ڏنو.
هن چيو ته عمران نيازيءَ موقف کي هٿي ڏيارڻ لاءِ مذهبي ڪارڊ استعمال ڪيو، هٿياربند فوج ۽ آرمي چيف کي بدنام ڪيو ويو.
وزيراعظم چيو ته چالاڪيءَ سان حقيقي آزادي جي نعرن ذريعي ٽولا تيار ڪيا ويا، جن جو مقصد کين تشدد لاءِ ڀڙڪائڻ هو.
شهبازشريف چيو ته سموري صورتحال جو مشاهدو 9 مئي تي سامهون آيو، عمران خان جون تقريرون ٻڌو ته سمورا جواب ملي ويندا.