نيب راولپنڊي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ اڄ طلب ڪري ورتو آهي.
نيب عمران خان کي نيشنل ڪرائيم ايجنسي 190 ملين پائونڊ اسڪيڊنل ۾ طلب ڪيو آهي، کيس لاڳاپيل دستاويز به گڏ آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
عمران خان اين سي ايَ بابت تفصيل گهريا آهن ۽ نوٽيس ۾ چيو ويو ته عمران خان حاضر نه ٿيو ته سندس خلاف قانوني ڪارروائي ٿيندي.
نوٽيس ۾ چيو ويو ته عمران خان پاڻ سان گڏ القادر يونيورسٽي جي زمين جا ڪاغذ، القادر ٽرسٽ جا تفصيل ۽ ٻيا ڪاغذ گڏ کڻي اچي.
نيب جي نوٽيس ۾ چيو ويو ته عمران خان پاڻ سان گڏ القادر يونيورسٽي جي ڊيڊ، بئنڪ اڪائونٽن جا تفصيل به گڏ کڻي اچي.
نيب راولپنڊيءَ احتساب بابت اڳوڻي صلاحڪار شهزاد اڪبر کي به طلب ڪري ورتو آهي.
نوٽيس ۾ چيو ويو ته شهبزاد اڪبر 22 مئي تي نيب راولپنڊي آڏو پيش ٿي انڪوائري ۾ جواب رڪارڊ ڪرائي.