تعليمي بورڊ حيدرآباد جي آفيس شادي هال ۾ تبديل ٿي ويئي.
حيدرآباد تعليمي بورڊ جي احاطي ۾ رنگ برنگي مڱڻي جي تقريب ڪوٺائي ويئي.
عدالتي حڪم تحت سنڌ حڪومت پاران تعليمي ادارن ۽ سرڪاري آفيسن ۾ شادي تقريبن تي پابندي هجڻ باوجود مڱڻي جي تقريب ڪوٺائي ويئي.
تقريب ۾ آتش بازي ڪئي وئي ۽ لائيٽون لڳايون ويون، ذريعن موجب بورڊ آفيس جي اعليٰ آفيسرن کي معاملي جو ڄاڻ هجڻ باوجود ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ويئي، نائين ۽ ڏهين جماعتن جي سالياني امتحانن جا سوالي پيپر ۽ ٻيا اهم سيڪريٽ ڪاغد بورڊ آفيس ۾ پيل آهن.
تقريب جون رنگا رنگ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ باوجود تقريب جاري رهي.