مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته تحريڪ انصاف اڳواڻ پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ رابطا ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ اڳواڻ گرفتاري جي خوف کان گهرن ۾ لڪي ويٺل آهن، پيپلز پارٽي قومي ٿاڪن تي حملن واري سياست جي حق ۾ ناهي، آصف زرداري واضح ڪري چڪو آهي ته عمران خان ڪو سياستدان ناهي ۽ نه وري پي ٽي آءِ ڪا سياسي پارٽي آهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته سياست ۾ ڳالهيون به ٿينديون آهن، الزام به لڳايا ويندا آهن پر ادارن جي ٿاڪن تي حملا ناهن ٿيندا، جڏهن ادارن جو احترام نه ڪيو ويندو انهن آڏو پيش نه ٿيندو ته پوءِ ادارن جو احترام نه رهندو.
سندس چوڻ هو ته پ پ حڪومت کي به چيو آهي عورتن کي گرفتار نه ڪيو وڃي، جڏهن فريال ٽالپر گرفتار ٿي ان وقت تحريڪ انصاف جو ضمير نه جاڳيو هو، تحريڪ انصاف جا وڏا وڏا ليڊر ڪيڏانهن ويا جيڪي وڏي وڏي دعويٰ ڪندا هئا.
مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته آصف علي زرداري پهريان چيو هو ته پي ٽي آءِ ڪا سياسي پارٽي ناهي، تحريڪ انصاف جا ڪيترائي ماڻهو پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ رابطا ڪري رهيا آهن، ڀڃڊاهه ڪندڙن کي پارٽي ۾ شامل نه ڪيو ويندو.
هن چيو ته شرجيل ميمڻ تي چيف جسٽس ڇاپا هڻندو هو، جڏهن انصاف جو ٻٽو معيار ٿي وڃي ته ڇا ٿو ٿي سگهي، معاشري مان عدل انصاف ختم ٿي ويندو ته پوءَ ڇا ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف ڳالهين کي سنجيده وٺي ها ته 9 مئي جو واقعو پيش نه اچي ها، 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو جنهن ڪيو ان کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ گهرجي.
مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ سي اي سي جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو، جنهن ۾ 9 مئي کان اڳ ۽ بعد جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.
سندس چوڻ هو ته سياست ۾ احتجاج سميت سمورا آپشن هوندا آهن پر اهڙي سياست ڪڏهن ناهي ٿي، عمران خان پهريان ماڻهن کي ڀڙڪايو ۽ بعد ۾ چيو ته هو ان ۾ ملوث ناهن، پهريان ملوث نه هئڻ جو چيو ويو بعد ۾ غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي وئي.
مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته گذريل ڏينهن عمران خان نيب ۾ پيش نه ٿيو ۽ شام جو ڊرامو رچايو ويو جيڪڏهن اوهان عدالتن ۾ پيش نه ٿيندا، گرفتار ته ٿيندا، پ پ عورتن ۽ ٻارن جي گرفتاري بابت حڪومت کي چيو، پر جيڪڏهن عمران خان عورتن ۽ ٻارن کي ڍال بڻائيندو ته ائين ٿيندو.
فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته آمريڪا ۾ وڃي پاڪستان جي جيلن مان اي سي ۽ پکا هٽرايا هئا، هاڻي ته کين خبر پئجي چڪي آهي ته اوهان ڪيترا بهادر ۽ جيلن کان نٿا ڊڄو، آزاديءَ جو نعرو لڳائيندڙ رڳو ٽويٽر ۽ فيسبڪ تي آزادي چاهن ٿا.