روهڙي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جي ڊبليو سي پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ اجمل ساوند جي ڀاءُ طارق ساوند به شرڪت ڪئي.
جي ڊبليو سي جي مرڪزي اڳواڻ شوڪت نوناري جي اڳواڻي ۾ ٻيڙي چوڪ کان روهڙي پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.
ريلي ۾ اجمل ساوند جو ڀاءُ طارق ساوند، سماجي اڳواڻ ستار زنگيجو، مجاهد بوزدار شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
احتجاجي ريلي ۾ ڊاڪٽر پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي ڪئي وئي.
ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پروفيسر اجمل ساوند جو قتل سنڌ جي شعور جو قتل آهي.
هنن اعليٰ اختارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي پروفيسر اجمل ساوند جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري وارثن ۾ ڇائنيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.