خانپور مهر ويجهو علائقي جي چڱي مڙس جي سئوٽ کي هٿيار بند قتل ڪري فرار ٿي ويا، پوليس لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
هٿياربند نوجوان مولا بخش گبول کي قتل ڪري لاش ڳوٺ ٻاهران اڇلائي فرار ٿي ويا.
اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
گامڻ خان گبول جو چوڻ آهي ته سئوٽ کي اڻڄاتل جوابدارن بندوق جو فائر ڪري قتل ڪيو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، نوجوان جي قتل ۾ جيڪو به ملوث هوندو کيس گرفتار ڪيو ويندو
ڪراچي جي جناح اسپتال مان تازو ڄاول ٻارڙو اغوا ٿي ويو
ڪراچي جي جناح اسپتال مان تازو ڄاول ٻارڙو اغوا ٿي ويو آهي، جڏهن ته سنڌ ٽي وي نيوز پاران هٿ...