بدين جي سيشن عدالت ٻاهران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو، جنهن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان مٿان حملو ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي.
سيشن عدالت ٻاهران جوابدارن جي فائرنگ ۾ نوجوان انور چانڊيو زخمي ٿي پيو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي کي کڻائي مقامي اسپتال منتقل ڪيو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو.
اسپتال ۾ پوسٽ مارٽ بعد نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جي قتل ۾ ملوث هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي
ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل معصوم ٻارڙو ثمرت ڪمار بازياب
ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل معصوم ٻارڙو ثمرت ڪمار بازياب ٿي ويو آهي. ايس ايس پي شڪارپور، امجد شيخ نينگر جي...