ڇاڇري ۾ خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ ويم دوران ناري ۽ سندس ٻار فوت ٿي ويو، وارثن پاران سيکڙاٽ نرس مٿان غلفت جو الزام لڳايو ويو آهي.
خانگي ميڊيڪل سينيٽر ۾ ويم دوران ڳوٺ مٿارو جي رهواسڻ سليمت سميجو ۽ سندس ٻار فوت ٿي ويا آهن.
وارثن چيو آهي ته خانگي اسپتال ۾ ناري کي ويم ڪرائڻ لاءِ کڻي وياسين، جتي ڪيترن ئي ڪلاڪن بعد نرس شبانا تيلي عورت کي ٻي اسپتال کڻي وڃڻ لاءِ چيو.
هنن چيو ته ناري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ عمر ڪوٽ اسپتال کڻي پئي ويا سين ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو.
وارثن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته آهي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي غفلت ڪندڙ نرس خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي
ٺل ۾ صدام لاشاري جي قتل خلاف 12هين ڏينهن به مظاهرو
ٺل ۾ پوليس جي جڙتو مقابلي ۾ ماريل نوجوان صدام لاشاري جي قتل خلاف 12هين ڏينهن به مظاهرو ڪري ڌرڻو...