آءِ ايم ايف افريڪي ملڪ گھانا لاءِ ٽي ارب ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي.
پرڏيھي ميڊيا موجب، آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽ بورڊ اربع جي ڏينھن شديد معاشي بحران جي ور چڙھيل اولھھ افريڪا جي ملڪ گھانا لاءِ ٽي ارب ڊالر جي قرض جي منظوري ڏني، جڏھن تھ گھانا لاءِ فوري طور 600ملين ڊالر بھ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
ميڊيا رپورٽس موجب آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آھي تھ گھانا سان گڏ قرض بابت طئي ٿيل معاھدي تي عملدرآمد لازمي ڪرڻو پوندو، گھانا کي جاري ڪيل نئون قرض ڊولپمينٽ پارٽنرز طرفان پرڏيھي فنانسنگ ۾ مدد ڏيندو ۽ ان جي مالياتي نظام جي لاءِ ھڪ فريم ورڪ فراھم ڪندو.
آءِ ايم ايف جي مينيجمينٽ ڊائريڪٽر گھانا کي واڌايون ڏيندي چيو تھ گھانا ۾ سڌارن جي ھڪ مضبوط پروگرام سان ملڪ ۾ ٻيھر گروٿ ھوندي ۽ ان جي مالي ٻوجھھ ۾ گھٽتائي ايندي