صوبائي وزير ڄام خان شوري چيو آهي ته چونڊون ٿينديون رهنديون ته مڪاني کاتو اختيار والاريندو رهندو، ميئر جو نالو فائنل ناهي ٿيو، پارٽي ان کي فائنل ڪندي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڄام خان شوري چيو ته چونڊ مرحلو اليڪشن ڏينهن مڪمل ٿيندو، جيڪو کٽيندو اهو ئي ميئر ٿيندو، پيپلزپارٽي اڪثريت ماڻي اهي، هنن ڳالهين جا دروازا بند ناهن ڪيا.
هن چيو ته گرفتارين جو سبب سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتون ساڙن آهي، جن جون وڊيوز ۽ آڊيوز آهن اهي گرفتار ٿيندا.
ڄام خان شوري چيو ته مڪاني کاتي جي چونڊ کانپوءِ يارهن مهينن کان نمائندا قسم کڻڻ لاءِ منتظر آهن، پيپلزپارٽيءَ نئين شيڊيول تي به اعتراض واريا آهن.
صوبائي وزير چيو ته مخصوص سيٽن جي پروسس بعد ميئر ۽ چيئرمين جي چونڊ جلد مڪمل ڪئي وڃي.
ڄام خان شوري چيو ته فوري طور پروسس مڪمل ڪري مڪاني نمائندن کي قسم کڻايو وڃي