گھوٽڪي ضلعي جي کنڀڙا ٿاڻي جي حد ۾ مبينا مقابلي دوران 4 ڏوهاري مارجي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته ٽن ڏوهارين جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن جڏهن ته هڪ ڏوهاري جو لاش ساٿي کڻي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته کنڀڙا ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهارين پوليس پڪٽ تي حملو ڪيو، اهلڪارن جي جوابي فائرنگ ۾ چارئي ڄڻا مارجي ويا.
پوليس موجب، مارجي ويل ڏوهارين ۾ مارجي ويلن ۾ عارب شر، بدلو ڪوش، ڦلو سيلرو ۽ خان محمد سيلرو شامل آهن.
پوليس موجب، هڪ مارجي ويل ڏوهاري عارب شر جو لاش ساٿي کڻي ويا جڏهن ته ٻين جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.
پوليس موجب، پوليس موجب، ڏوهاري خان محمد سيلرو ۽ ڦلو سيلرو جو تعلق پنجاب جي علائقي ماڇڪو سان آهي جڏهن ته بدلو ڪوش ڪشمور ضلعي جو رهواسي هو.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهارين جو گھوٽڪي ضلعي جي ٻين ٿاڻن، ڪشمور ضلعي ۽ رحيم يار خان ضلعي مان ڪرمنل رڪارڊ گڏ ڪيو پيو وڃي.