ٺڪراٺي ڀرسان نوجوان پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو.
آرڪوھر واسي 22 ورھين جي نوجوان علي گلاب شاھ پٽ مصري شاھ پاڻ مٿان پسٽ: جو فائر ڪيو.
نوجوان جي وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر جي خانگي اسپتال کڻائي آيا جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
نوجوان جو مڙهه اسپتال مان ضروري ڪارروائي کانپوءِ پوليس وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، جيڪو گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو.
فوتي جي وڏي ڀاءُ سيد علي گوهر شاهه جو چوڻ آهي ته سندس ڀاءُ کي ڪابه پريشاني نه هئي، خبر ناهي اهڙو قدم ڇو کنيو اٿائين.
هوڏانهن حد جي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد حقيقتون سامهون اچي وينديون.