وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿي رهيو آهي جنهن دوران ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال سميت مختلف معاملن بابت غور ويچار ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيندو
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو ۽ قومي سلامتي ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏني ويندي.
ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا کي ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان ٿيل ملاقات بابت اعتماد ۾ ورتو ويندو ۽ روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ جي منظوري به ڏني ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پنجاب حڪومت طرفان هاڻوڪي صورتحال ۾ کنيل قدمن بابت به غور ڪرڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ فوجي عدالتن جي قيام بابت به قطعي فيصلو ٿيندو جڏهن ته اجلاس ۾ آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ تحت ڪيسن بابت بچاءَ ۽ قانون وارو وزير بريفنگ ڏيندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بچاءَ واري وزارت شروعاتي طور تي پنجن فوجي عدالتن جي قيام جي تجويز ڏني آهي.
ذريعن موجب، ٽي فوجي عدالتون راولپنڊي ۽ 2 لاهور ۾ قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون موجب آرمي ايڪٽ جي دائري ۾ ايندڙ ڪيسن جي حيثيت خاص هوندي.