پشاور جي اسڪولن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن پاران چوٿين ڏينهن به وڳوڙين پاران باهه ڏئي ساڙيل ريڊيو پاڪستان پشاور جو دورو ڪيو ويو.
شاگردن کي تباهه ٿيل عمارت جي مختلف حصن جو دورو ڪرائي ريڊيو پاڪستان واقعي بابت بريفنگ ڏني وئي.
ان موقعي تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين چيو ته هو اهڙي افسوسناڪ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا، وڳوڙين سياسي مفادن خاطر ملڪ جي قيمتي اثاثن کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيو.
شاگردن ۽ شاگردياڻين چيو ته هي اسان جو پنهنجو ئي نقصان آهي، اسان کي اميد آهي ته انشاءَ الله وطن ۾ ٻيهر اهڙا پر تشدد واقعا ٻيهر نه ٿيندا ۽ نه ئي ڪنهن جي جان و مال کي نقصان پهچايو ويندو.
استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين وڌيڪ چيو ته ريڊيو پاڪستان جي ان واقعي سان نه رڳو ريڊيو پاڪستان کي نقصان پهتو پر 9 مئي پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن تصور ڪيوويندو، وڳوڙي پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا.