پاڪ فوج جي شهيدن جي وارثن پاران ملڪ جي موجوده صورتحال جي حوالي سان عوام لاءِ پيغام جاري ڪيو ويو آهي.
ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جي ڀاءُ جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ کان 23 سال اڳ جڏهن ڪيپٽن ڪرنل شير خان ڪارگل ۾ شهيد ٿيو هو ته دشمن به سندس ساراهه ڪئي هئي ۽ کيس ايوارڊ ڏنو هو، اصل ۾ اها ڪيپٽن ڪرنل شير خان جي نه پر پاڪ فوج جي ساراهه هئي.
هن چيو ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان ڪيترو به بهادر هجي، پر جيڪڏهن سندس جسم تي خاڪي وردي نه هجي ها ته اڄ هن جي ايتري عزت نه ٿئي ها.
ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جي ڀاءُ چيو ته مهرباني ڪري پاڪ فوج کي بدنام نه ڪيو وڃي ڇو ته مون شهيد جي عزت کي ڏٺو آهي.
سندس چوڻ هو ته شهيدن جي حوالي سان پوري قوم کي گذارش آهي ته شهيد جي تصوير هجي يا شهيدن جي يادگار، اهي قوم جو اثاثو آهن، انهن اثاثن کي ضايع نه ڪيو وڃي.
ڪيپٽن زرغام فريد شهيد جي امڙ پنهنجي جاري ڪيل پيغا۾ چيو آهي ته 9 مئي واري واقعي تي ڏاڍو ڏک ٿيو، انهن ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته جڏهن اسان جي اولاد سرحدن جي حفاظت ڪندي شهيد ٿي وڃي ٿي، رياستي ادارن جي تذليل ڪرڻ سٺي ڳالهه ناهي.