صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته 9 مئي وڳوڙن ۾ ملوث جوابدارن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي، سول ماڻهن جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائل نه ٿيڻ گهرجي، اميد آهي ته ڪنهن سان ناانصافي نه ٿيڻ گهرجي، عمران خان ملڪ ۾ حملا ڪيا رڪارڊ ۽ فون ڪالز موجود آهن، ڪراچي ۾ رهيل 11 يونين ڪميٽين تي چونڊ ميئر جي چونڊ کانپوءِ ٿيڻ گهرجي.
صوبائي وزير سعيد غني ايڪسپو سينٽر ڪراچيءَ ۾ فرنيچر نمائش جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
افتتاح بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته تحريڪ انصاف کي جهڙي تيزي سان ضمانتون ملي رهيون آهن ان جو مثال نٿو ملي، ملڪ ۾ انصاف جو ٻٽو معيار نٿو هلي سگهي، عمران خان ادارن تي عملي طور حملا ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ڪنهن پرڏيهي ايجنڊا تي هلي رهيو آهي، تخريبڪاري ۽ وڳوڙن ۾ ملوث ماڻهن کي سزا ملندي.
صوبائي وزير سعيد غني چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان وڳوڙين جي حمايت ڪئي، عمران خان ملڪ ۾ حملا ڪيا جنهن جو رڪارڊ ۽ فون ڪالز موجود آهن، پي ٽي آءِ کي بيماري آهي هو وڊيو به پاڻ ڀريندا آهن.
هن چيو ته 9 مئي وڳوڙن ۾ ملوث جوابدارن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي، سول ماڻهن جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائل نه ٿيڻ گهرجي، اميد آهي ته ڪنهن سان ناانصافي نه ٿيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جا سمورا ورڪر ملڪ دشمن ناهن، ڪيترائي پارٽي سوچ سان متفق ناهن.
صوبائي وزير سعيد غني چيو ته پيٽرول جو ملهه گهٽ ٿيڻ جو فائدو عوام کي ملڻ گهرجي، ٽرانسپورٽرن کي ڀاڙن ۾ گهٽتائي ڪرڻ گهرجي، ڪراچي ۾ رهيل 11 يونين ڪميٽين تي چونڊ ميئر جي چونڊ کانپوءِ ٿيڻ گهرجي.