سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته شمسي توانائي جو منصوبو هڪ ملين ڊالر جي لاڳت سان شروع ڪيو ويو آهي، عالمي بينڪ هڪ سئو ملين ڊالر مان 21 ڏهائي 3 ملين ڊالر جاري ڪيا آهن، منصوبو جيترو جلد مڪمل ٿيندو اوترو بهتر آهي، شمسي توانائي جو منصوبو وقت سر مڪمل ٿيڻ گهرجي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاه سان عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن هاسين اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، سيد سردار شاهه، صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
وڏي وزير جي ترجمان موجب، اجلاس ۾ عالمي بينڪ جي پورٽ فوليو جو جائزو ورتو ويو.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته عالمي بينڪ تحت سڄي صوبي ۾ 3 ڏهائي 5 ارب ڊالر جو پورٽ فوليو آهي، عالمي بينڪ کان 71 سيڪڙو فنڊ يعنيٰ 2 ڏهائي 5 ارب ڊالر جاري ٿيڻا آهن، 12مئي 2023ع تائين 410 ملين ڊالر جاري ٿيا اميد آهي عالمي بنيڪ 30 جون تائين 123 ملين ڊالر جاري ڪندي.
اجلاس ۾ سنڌ سولر انرجي پراجيڪٽ بابت ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته شمسي توانائي جو منصوبو هڪ ملين ڊالر جي لاڳت سان شروع ڪيو ويو آهي، عالمي بينڪ هڪ سئو ملين ڊالر مان 21 ڏهائي 3 ملين ڊالر جاري ڪيا آهن، منصوبو جيترو جلد مڪمل ٿيندو اوترو بهتر آهي.
سندس چوڻ هو ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عالمي بينڪ ۽ توانائي کاتو گڏجي ويهي مسئلا حل ڪندا.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته شمسي توانائي جو منصوبو وقت سر مڪمل ٿيڻ گهرجي.
اجلاس ۾ ڪامپيٽيٽو اينڊ لائيو ايبل سٽي ڪراچي منصوبي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته لائيو ايبل منصوبي تحت پراپرٽي ٽيڪس جي سروي ٿيڻي آهي، سروي جا ٽي او آرز ٺهي رهيا آهن، ڪوشش آهي ته منصوبي تي جلد ڪم شروع ٿي وڃي.
صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڄام صادق پل جون تجويزون ٺاهيون پيون وڃن، منصوبي جي ڊيزائن تيار ٿي رهي آهي جلد عالمي بينڪ ۾ جمع ڪرائي ويندي، بي آر ٽي ڪوريڊور فيز ون کان 10 ڪلو ميٽر جي ڊيزائن مڪمل ٿي چڪي آهي، ڊيزائن ۾ روڊ سيفٽي، معذور ماڻهن جي بيٺڪ ۽ گرين ايريا ٺاهي وئي آهي.
وڏي وزير جي ترجمان موجب، اجلاس ۾ عالمي بينڪ ڊيزائن جو جائزو ورتو.
صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته بس ڊپو جي ڊيزائن ۽ بڊنگ دستاويز مڪمل ٿي ويا آهن.
صوبائي صلاحڪار عالمي بينڪ کي آگاهي ڏيندي چيو ته هارين کي ٻج جي مد ۾ پيسا ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، ساڍا ٻارهن ايڪڙ زمين وارن آبادگارن کي 5 هزار في ايڪڙ رقم ڏني وئي آهي، ساڍا ٻارهن کان 25 ايڪڙ زمين جي آبادگارن کي پيسا ڏيڻ جو اشتهار ڏنو آهي.