ماحولياتي تبديلين واري وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته عمران خان پارٽيءَ اندارن آواز اٿڻ بعد به 9 مئي واقعن جي واضح لفظن ۾ مذمت ناهي ڪئي، پرتشدد سياست، ڌمڪين واري لهجي ۽ بيانن جو ذميوار ڪو ٻيو نه پر عمران خان پاڻ آهي..
سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئٽر تي ٽوئيٽ ڪندي شيري رحمان چيو ته عمران خان ميڊيا کان نه پڇي ته 9 مئي واقعن جي مذمت ڪير نه پيو ڪري؟ عمران خان ملڪ ۾ نفرت ۽ ورهائڻ جو جيڪو بنياد رکيو، ان سان اثر سڄي ملڪ تي پوندا.
هن چيو ته سڀني کي خبر آهي ته ڪير 9 مئي واقعن جي مذمت پيو ڪري ۽ ڪير ان کي ڪاميابي سمجهي پيو.
شيري رحمان چيو ته سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي شخص آهي جيڪو 9 مئي حملي جي مذمت نه ٿو ڪري.
وفاقي وزير چيو ته هاڻي چون ٿا ته پاڪ فوج کي تحريڪ انصاف خلاف ڪرڻ جي سازش ملڪ کي ٽڪرا ڪري سگهي ٿي، هنن کي 9 مئي واقعن تي ته ڪا شرمندگي ناهي پر ملڪ جي ٽڪرا ٿيڻ جون ڳالهيون ڪن ٿا.