پي ٽي آءِ ايم اين اي جئه پرڪاش به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته 9 مئي تي وڳوڙن دوران ملڪ کي نقصان پهچايو ويو، دل تي پٿر رکي پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري رهيو آهي، سياست ۾ تشدد جي ڪنهن به صورت ۾ حمايت نه ٿي ڪري سگهجي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جئه پرڪاش چيو ته 9 مئي تي پرامن احتجاج فوجي ملڪيتن تي حملن تائين پهچي ويو.
هن چيو ته 9 مئي تي وڳوڙن دوران ملڪ کي نقصان پهچايو ويو، پاڪستان جو نقصان ڪنهن به صورت قبول ناهي، ان ڪري هو دل تي پٿر رکي پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ٿو.
جئه پرڪاش پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪندي لڙڪ لاڙي ويٺو.
سندس چوڻ هو ته نو مئي واقعن جي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت سزا ڏني وڃي، هو ملڪ ۽ پاڪ فوج خلاف ڪاررايون برداشت نه ڪندا.