پاڪستان جي ناليواري راڳي ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ابرار الحق جي گھر تي پوليس طرفان ڇاپو ھنيو ويو
ابرار الحق ٽوئٽر تي وڊيو پيغام جاري ڪندي آگاھھ ڪيو تھ رات دير سان پوليس سندس گھر تي ڇاپو ھنيو ۽ ملازمن تي تشدد ڪرڻ بعد گھروارن کي ھيسايو ويو.
ابرار الحق چيو تھ گھروارن ٻارڙن کي ناني جي گھر موڪليو گھريو تھ انھن کي ڌمڪي ڏني وئي تھ ھو سندس ڌيءُ کي کڻي ويندا ۽ پوءِ سندس پيءُ ايندو.
ابرار الحق چيو تھ ھو 9مئي جي واقعن جي مذمت ڪري ٿو ۽ ماڻھن کي درس ڏئي ٿو تھ ھو ڀڃ ڊاھھ نھ ڪن، ھو پاڪ فوج سان محبت ڪري ٿو، ھو پاڻ پاڪ فوج ۾ وڃڻ چاھي پيو.
ابرار الحق چيو تھ ڪور ڪمانڊر لاھور جي گھر سميت ٻين فوجي ٺڪاڻن جي ڀڃ ڊاھھ تي گھڻو افسوس آھي