اميتاب بچن پاڪستاني ٻارڙي کي ڀارتي سمجھي شيئر ڪري ڇڏيو
بالي ووڊ اداڪار اميتاب بچن پاڪستاني ٻارڙي جي وڊيو کي ڀارتي وڊيو سمجھي شيئر ڪري ڇڏي جنھن جي تصيح لاءِ پاڪستاني اداڪارن کي پوسٽ ڪرڻي پئي.
اميتاب بچن انسٽاگرام تي ھڪ وڊيو شيئر ڪئي ھئي جنھن ۾ ٻارڙي جي بيٽنگ تيڪنيڪ کان متاثر ٿي ان کي ڀارت جو مستقبل محفوظ ھٿن ۾ قرار ڏنو ھو.
وڊيو ۾ ٻارڙي کي شاندار انداز ۾ بيٽنگ ڪندي ڏسي سگھجي ٿو پر بگ بي پاڪستاني ٻارڙي کي ڀارتي ٻارڙو قرار ڏئي ڪري غلطي ڪري ويٺو جنھن جي تصيح لاءِ پاڪستاني اداڪار ۽ راڳي سامھون اچي ويا.
اداڪار گوھر ممتاز اميتاب بچن جي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي واضح ڪيو تھ اھو ٻارڙو پاڪستاني آھي ۽ اھا وڊيو ڪجھھ عرصو اڳ ھڪ پاڪستاني پيج تي ان ئي آءِ ڊي جي ذريعي ڏٺو ھو پر جيڪڏھن ھڪ ٻئي جي ملڪن ۾ کيڏڻ لاءِ تيار ٿي وڃون تھ ڪرڪيٽ جو مستقبل اسان جي ھٿن ۾ آھي ان کانسواءِ ھو توھان جو وڏو مداح آھي.
راڳي عاصم اظھر بھ بالي ووڊ اداڪار جي وڊيو تي تبصرو ڪيو ۽ ٻڌايو تھ ڊيئر سر ھو توھان جو پاڪستان مان سڀ کان وڏو مداح آھي، جيئن تھ دوست گوھر ممتاز واضح ڪري چڪو آھي تھ تھ اھو ٻارڙو پاڪستان جو آھي پر اوھان ان جاءِ تي بلڪل صحيح آھيو ۽ ٻنھي ملڪن جو مستقبل محفوظ ھٿن ۾ آھي، جيڪڏھن ھو ماضي ۾ ويندا جتي ٻنھي ملڪن جا اسٽارز آھن ھڪ ٻئي جي سامھون کيڏندي ملندا ھئا