پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان 9 مئي واقعن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته واقعن سان پاڪستان جي بدنامي ٿي، جيڪو به ٿيو اهو نه ٿيڻ گهرجي ها.
لاهور هائيڪورٽ ۾ غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران صحافيءَ عمران خان کان سوال ڪيو ته اوهان جناح هائوس تي حملي جي مذمت ڪريو ٿا؟
عمران خان چيو ته جناح هائوس تي حملي جي هو مذمت ڪري ٿو، اڳ به ڪئي آهي ۽ هر پاڪستان ان جي مذمت پيو ڪري.
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته 9 مئي واقعن سان پاڪستان جي بدنامي ٿي، جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو نه ٿيڻ گهرجي ها.
عمران خان چيو ته ميڊيا کي پنهنجو گهر کولي ڏيکاريو آهي، دهشتگرد ترسائڻ واري ڳالهه ۾ ڪا به صداقت ناهي، پي ڊي ايم جي قدمن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين سبب ملڪ جي بدنامي ٿي آهي.