پيپلزپارٽيءَ 9 مئي جا وڳوڙ رٿابندي جو نتيجو قرار ڏيندي ذميوارن خلاف ڪارروائيءَ جو مطالبو ڪيو آهي، وفاقي وزير شيري رحمان جو چوڻ آهي ته عمران نيازي هميشه ڏڦيڙ جي سياست ڪئي آهي، 9 مئي ملڪي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، وڳوڙ منصوبا بندي سان ڪيا ويا آهن، پي ٽي آءِ ريڊ لائن ڪراس ڪري ڇڏي، وڳوڙن جي ذميوارن کي سزا ملڻ گهرجي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي صدارت هيٺ سي اي سي جو اجلاس ٿيو، جنهن پارٽيءَ جي سينيئر قيادت سميت سي ايِ سي جي ميمبرن شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران جناح هائوس سميت قومي ٿاڪن تي حملن جي مذمت ڪئي وئي.
سي ايِ سي جي اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير شيري رحمان چيو ته عمران نيازي هميشه ڏڦيڙ جي سياست ڪئي آهي، 9 مئي ملڪي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، وڳوڙ منصوبا بندي سان ڪيا ويا آهن، واقعي جي ذميوارن کي سزا ملڻ گهرجي.
هن چيو ته بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هنيو، تاريخ شاهد آهي ته پ پ ڪيتريون قربانيون ڏنيون آهن.
شيري رحمان چيو ته سرڪاري ۽ فوجي هنڌن تي حملا رياستي عملداري کي چئلينج ڪرڻ برابر آ هي، پي ٽي آءِ هاءِ ريڊ لائن پار ڪري چڪي آهي.
وفاقي وزير چيو ته سڀني کي هوش مان ڪم وٺڻ گهرجي، پاڪستان آهي ته سڀ هوندا.