اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجي ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي آهي جنهن دوران ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ڪراچي بلاول هائوس ۾ بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجي وفد سميت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات دوران سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، بلوچستان جو صوبائي وزير اڪبر آسڪاڻي ۽ ايم پي اي لالا رشيد دستي پڻ موجود هئا.