نيب وزيراعظم شهباز شريف کي آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ۾ ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي.
نيب شهباز شريف جي بريت جي درخواست تي جواب احتساب عدالت لاهور ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو.
نيب طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب، آشيانه هائوسنگ ۾ شهباز شريف خلاف اختيارن جي ناجائز استعمال جا ثبوت ناهن مليا، پراجيڪٽ ۾ شهباز شريف خلاف بدنيتي ثابت ناهي ٿي.
نيب رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آشيانه هائوسنگ جي ٺيڪي ڏيڻ واري عمل ۾ بدعنواني جا ثبوت ناهن مليا، پراجيڪٽ شروع ڪرڻ وقت سرڪاري ناڻي کي ڪوبه نقصان نه پهچايو نه ئي شهباز شريف ڪو فائدو حاصل ڪيو.
نيب رپورٽ موجب، رڪارڊ ۽ شاهدن سان اهو ثابت ٿئي ٿو ته ڪنهن پبلڪ آفيس هولڊر ڪنهن قسم جو ڪو فائدو ناهي ورتو.
نيب رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بنا ڪنهن شڪ شبي جي اها ڳالهه ثابت ٿي رهي آهي ته سرڪاري ناڻي کي نقصان ناهي پهچايو جڏهن ته ڪامران ڪياني خزاني کي نقصان نه پهچايو نه فواد حسن فواد رشوت ورتي.
نيب رپورٽ موجب، شهباز شريف آشيانه جو ٺيڪو لطيف اينڊ سنز کي ڏيڻ جو معاملو قانون موجب اينٽي ڪرپشن کي اماڻيو ويو هو.
نيب شهباز شريف جي بريت جي درخواست تي جواب احتساب عدالت لاهور ۾ جمع ڪرائيندي اپيل ڪئي آهي ته احتساب عدالت قانون موجب شهباز شريف جي بريت بابت درخواست تي فيصلو ڪري.
ياد رهي ته 8 اپريل 2023ع تي آشيانه هائوسنگ ريفرنس ۾ وڪيل امجد پرويز، وزيراعظم شهباز شريف، احد چيمه ۽ فواد حسن فواد جي بريت جون درخواستون داخل ڪرايون هيون.