وزيراعظم جي خاص مددگار عطا تارڙ چيو آهي ته عمران خان جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، کيس عوام منهن ڏيڻو پوندو ۽ جيل به وڃڻو پوندو، سياسي مقصدن لاءِ عمران خان جي گرفتاري تي پي ٽي آءِ ڀڃڊاهه ڪئي، جناح هائوس ۽ جي ايڇ ڪيو سميت سرڪاري توڙي عوامي ملڪيتن کي نقصان پهچايو، جيڪو دشمن نه ڪري سگهيو، عمران خان اهو پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ ڪيو.
گجرانوالا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته ڪيپٽن شير خان شهيد جي بهادري کي دشمن به مڃيندا هئا، تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن شهيد جي مجسمي جي به توهين ڪئي، چاغي جي ماڊل کي به تباهه ڪري ڇڏيو ۽ اها عمران خان جي سوچيل سمجهيل رٿابندي هئي.
سندس چوڻ هو ته جيڪو دشمن نه ڪري سگهيو، اهو عمران خان پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ ڪيو، اوهان جي ورڪرن کي گرفتار نه ڪريون ته ڇا کين گلن جا هار پارايون، سندن خلاف دهشتگردي جا ڪيس به هلندا ۽ آرمي ايڪٽ تحت ڪيس به هلندا.
وزيراعظم جي خاص مددگار عطا تارڙ چيو ته هي هن ملڪ جي تاريخ جو هڪ اهم ترين موڙ آهي، ڪورٽ کي به درخواست ڪندا ته هن معاملي ۾ رنڊڪ نه وجهي، جن ماڻهن سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو کين آزاد نه ڪيو وڃي، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا جوابدار ٿڌن ڪمرن ۾ ويهي انهن خلاف وڊيو پيغام جاري ڪري رهيا آهن جيڪي ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ڪندا آهن.