پنجهتر ورهين کان والاريل ڪشمير جي ڪشميرين جي نسل ڪشي جو بدترين سلسلو جاري آهي جڏهن ته 1947ع کان هن وقت تائين ڀارت ڪشمير ۾ اڍائي لک کان وڌيڪ ڪشميرين کي شهيد ڪري چڪو آهي.
ڪشمير ميڊيا سروس موجب، 1989ع کان هن وقت تائين 96 هزار کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن ۽ هن وقت تائين 23 هزار ڪشميري عورتون بيواهه ۽ هڪ لک کان وڌيڪ ٻارڙا يتيم ٿي چڪا آهن.
ڪشمير ميڊيا سروس جو چوڻ آهي ته 1990ع ۾ هنڊواڙه، تينج پورا ۽ زڪوره، 1993ع ۾ سوپور، لال چوڪ ۽ بيجي بهاره جڏهن ته 1994ع ۾ ڪپواڙا ۾ قتل عام ذريعي هزارين ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو.
ڪشمير ميڊيا سروس موجب، ڀارتي فوج ڪشمير ۾ 11 هزار کان وڌيڪ عورتن سان زيادتي ۽ ست هزار کان وڌيڪ عدالت کان مٿانهان قتل ڪري چڪي آهي.
ڪشمير ميڊيا سروس جو چوڻ آهي ته 6 جنوري 1993ع تي سوپور ۾ 43 ڪشميرين کي شهيد، 300 دڪانن کي باهه ۽ هڪ سئو کان وڌيڪ گهرن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو.
ڪشمير ميڊيا سروس موجب، 27 جنوري 1994ع تي ڪپواڙه ۾ 27 ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو جڏهن ته 06 جنوري 2016ع تي برهان واني جي شهادت بعد 2 سئو کان وڌيڪ ماڻهن کي احتجاج دوران شهيد ڪيو يوو.
ڪشمير ميڊيا سروس جو چوڻ آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير کي ڏهه لک فوج ذريعي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪري چڪو آهي جڏهن ته ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ هيومن رائٽس واچ ڪشميرين کي قتل عام ڪيترائي ڀيرا مذمت ڪري چڪي آهي.
ڪشمير ميڊيا سروس موجب، ڀارت ڪشميرين جي نسل ڪشي ذريعي تحريڪ آزادي کي دٻائڻ چاهي ٿي.
ڪشمير ميڊيا سروس جو چوڻ آهي ته 15 آگسٽ 2019ع تي جنيو سائيڊ واچ ڪشميرين جي نسل ڪشي تي الرٽ به جاري ڪيو، ڇا ڪشمير ۾ شرڪت ڪندڙ جي ٽوئنٽي ملڪن جا ميمبر ڀارت طرفان ڪشميرين جي نسل ڪشي تي پڇاڻو ڪندا؟.