پنجاب جي نگران حڪومت فوجي ٿاڪن تي حملن ۾ ملوث عورتن کي هر صورت ۾ گرفتار ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،
محسن نقوي جو چوڻ آهي ته 9 مئي جي 138 ڪيسن ۾ 500 کان وڌيڪ عورتون گهربل آهن، جناح هائوس جي اندر ۽ ٻاهر موجود عورتن کي پاڻ گرفتاري ڏيڻ جي صورت ۾ رعايت جو فيصلو به ڪيو ويندو، فوجي ٿاڪن تي حملن ۾ ملوث عورتون ڪنهن به قسم جي رعايت جون حقدار نه آهن.
پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو ته سڄي پنجاب ۾ 9 مئي تي ٿيل واقعن بابت 138 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جن ۾ 500 کان وڌيڪ عورتون گهربل آهن.
سندس چوڻ هو ته فوجي ٿاڪن تي حملن ۾ ملوث عورتن کي هر صورت ۾ گرفتار ڪيو ويندو، فوجي ٿاڪن تي حملن ۾ ملوث عورتون ڪنهن به قسم جي رعايت جون حقدار نه آهن.
پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي هدايت ڪندي چيو ته ڪيسن ۾ گهربل عورتن جي گرفتاري ليڊيز پوليس سان يقيني بڻائي وڃي ۽ ڪوشش ڪئي وڃي ته گرفتار ٿيل عورتن کي وومين پوليس اسٽيشنز ۾ رکيو وڃي.
هن چيو ته دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ايف آءِ آرز ۾ نامزد عورتن کي به گرفتار ڪيو ويندو.
پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو ته فوجي ٿاڪن تي حملن خاص طور جناح هائوس اندر ۽ ٻاهر موجود عورتن کي وومين پوليس اسٽيشنز ۾ اچي پاڻ گرفتاري ڏيڻ جي صورت ۾ رعايت جو فيصلو ڪيو ويو آهي