حڪومت 9 مئي واقعن بابت تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي مذمت کي رد ڪري ڇڏيو، مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته عمران خان ماڻهن جي ٻارڙن کي گمراهه ڪري ملڪيتن تي حملا ڪيا آهن، 9 مئي جي ڏينهن کي ملڪي تاريخ ۾ ڪاري باب طور ياد رکيو ويندو، تحريڪ انصاف چيئرمين اڃا به ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي رٿا بندي ڪئي آهي، ماڻهو پنهنجي ضمير جي آواز تي تحريڪ انصاف ڇڏي وڃي رهيا آهن، ملڪ جي هر شهري جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته آڊيو ليڪس جي معاملي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي وئي آهي، ڪميشن جاچ ڪندي جنهن سان حقيقتون سامهون اچي وينديون.
سندس چوڻ هو ته عمران خان ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي رٿابندي ڪئي آهي، 14 مهينا زمان پارڪ ۾ حملن جي رٿابندي ڪئي وئي، 9 مئي جي ڏينهن کي ملڪي تاريخ ۾ ڪاري باب طور ياد رکيو ويندو، سڄي قوم 9 مئي جي سانحي تي ڏکاري آهي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته تحريڪ انصاف جي وڳوڙين اسپتال، اسڪول ۽ سرڪاري عمارتن کي نقصان پهچايو، عمران خان اهو ڪم ڪيو جنهن سان دشمن خوش ٿيو، ڪپتان 9 مئي جي واقعن جو ماسٽر مائنڊ هو.
هن چيو ته شهيدن جي يادگارن ۽ فوجي ٿاڪن کي رٿابندي سان ساڙيو ويو، پي ٽي آءِ جي سينيئر قيادت ڪارڪنن کي ڀڙڪائيندي رهي، 9 مئي جي سانحي جي 19 مئي تي مذمت ڪئي وئي جڏهن ته حساس هنڌن تي حملي جي اڃا تائين مذمت ناهي ڪئي وئي، مذمت پنهنجي گناهن تي پردو وجهڻ لاءِ ڪئي وئي.
سندس چوڻ هو ته وڳوڙين شهيدن جي يادگارن کي نشانو بڻايو، مذمتي ڊرامو ڪرڻ سان جان نه ڇٽندي، عمران خان کان ڪرپشن جو حساب گهريو ويو ته ڏڦيڙ برپا ڪيو ويو.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين چوري ناهي ڪئي ته جهڙتي کان ڇو ڊڄي رهيو آهي؟، پنجاب حڪومت چئي رهي آهي ته زمان پارڪ جي جهڙتي وٺڻ جي اجازت ڏني وڃي، عمران خان ماڻهن جي ٻارن کي ورغلائي سرڪاري ملڪيتن تي حملا ڪرايا.
سندس چوڻ هو ته جڏهن قانون تي عمل ڪيو ويندو آهي ته جعلي تصويرن سان انساني حقن جي لتاڙ جي پروپيگنڊا ڪئي ويندي آهي، ڇا پوليس تي پيٽرول بم اڇلائڻ انساني حقن جي لتاڙ ناهي؟، فرانس جي ٽي وي چينل تحريڪ انصاف جي پروپيگنڊا کي وائکو ڪيو.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان سياسي مخالفن کي قيد ۾ رکيو، تحريڪ انصاف جي وڳوڙين شهيدن جي وارثن جي دل آزادي ڪئي، عوام رڍ ٻڪري ناهي جو اوهان جي ڪوڙ تي يقين ڪري وٺي، اسلامي فلاحي رياست جي دعويدارن عام شهرين کي اذيت ۾ وڌو.
هن چيو ته ماڻهو پنهنجي ضمير جي آواز تي پي ٽي آءِ کي ڇڏي وڃي رهيا آهن، تحريڪ انصاف ڇڏڻ وارا چئي رهيا آهن ته 9 مئي جي واقعن جو بچاءُ نٿا ڪري سگهن.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ملڪ کي بدنام پي ڊي ايم جي حڪومت نه عمران خان جي توشاخانه چوري ڪيو، جيڪڏهن پي ٽي وي حملي تي سزا ملي وڃي ها ته هاڻي ريڊيو پاڪستان پشاور تي حملو نه ٿئي ها.
سندس چوڻ هو ته عمران خان ۽ سندس جٿن جي مدد ڪندڙ ملڪ کي نقصان پهچائي رهيا آهن، ملڪ جي هر شهري جي جان جي حفاظت ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت پي ٽي وي اسپورٽس کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تحريڪ انصاف چيئرمين اڃا به ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي رٿا بندي ڪئي آهي