وفاقي وزير جاويد لطيف چيو آهي ته عمران خان جي پرڏيهه مان سهولت ڪئي پئي وڃي، ڇا عالمي مالياتي ادارا پاڪستان سان سياست نه ڪري رهيا آهن، عالمي سازشن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪنهن به قسم جي رعايت جو حقدار ناهي، عمران خان 60 ارب رپين جي ڪرپشن لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڇا پرڏيهي طاقتون اهڙي نموني خط لکنديون آهن، نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب سان زيادتين وقت خط ڇو نه لکيو ويو؟.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته تحريڪ انصاف چيئرمين جي مدد پرڏيهه مان ٿي رهي آهي، ڇا عالمي طاقتون پهريان اهڙي طرح خط لکنديون هيون؟، 2018ع ۾ جڏهن آر ٽي ايس بند ٿي هئي تڏهن ته ڪنهن کي ڳڻتي نه ٿي هئي.
سندس چوڻ هو ته عالمي سازشن جو هٿيار بڻجندڙ رعايت جا حقدار ناهن، ڇا عالمي مالياتي ادارا پاڪستان سان سياست نه ڪري رهيا آهن؟، ڇا افسوس ۽ مذمت سان سندن ادارن جي متاثر ساک جو ازالو ٿيندو؟.
وفاقي وزير جاويد لطيف چيو ته ائين نٿو ٿي سگهي ته ملڪي معيشيت سان کيڏندڙ ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن کي معاف ڪيو وڃي، ملڪ کي نقصان پهچائيندڙن جا هٿ نه ڪٽيا ويا ته وڏو نقصان ٿيندو، 2017ع جي ڪردارن کي وائکو ڪرڻو پوندو.
هن چيو ته عمران خان 60 ارب رپين جي ڪرپشن لڪائڻ چاهي ٿو، آئين مخالف ڪابه شيءِ قبول نه ڪئي ويندي.
وفاقي وزير جاويد لطيف چيو ته پرڏيهي طاقتون پاڪستان ۾ مداخلت ڪري رهيون آهن، ادارن ۾ جيڪي ماڻهو سياست نٿا ڪري سگهن اهي سياست ڪرائي رهيا آهن، سياست قيادت جي سينن ۾ ڪيترائي راز آهن جيڪڏهن سندس رياست خطري ۾ پئجي وئي ته هو زبان تي لڳل تالا کوليندو