بلوچستان جي علائقي زرگون مرگٽ ايريا ۾ سڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ 3 جوان شهيد ۽ هڪ دهشتگرد مارجي ويو آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي علائقي زرگون مرگٽ ايريا ۾ دهشتگردن سڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب، پاڪ فوج جي جوانن بهادري سان وڙهندي دهشتگردن کي پٺتي ڌڪي ڇڏيو.
پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٽي جوان شهيد ٿي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب، سڪيورٽي فورسز جوابي ڪارروائي ۾ هڪ دهشتگرد جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو.
پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته فرار ٿيل دهشتگردن جي ٿاڪن جو پتو لڳايو ويو آهي، دهشتگردن خلاف ويجهي جبلن ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب، سڪيورٽي فورسز عوام جي سهڪار سان بلوچستان ۾ امن ۽ استحڪام خلاف ڪوششن کي ناڪام بڻائي ڇڏيندي