توانائي وارو وفاقي وزير خرم دستگير خان چيو آهي ته استعيفائون واپس وٺڻ جي قانون ۾ ڪا به شق ناهي، پي ٽي آءِ ميمبرن جي استعيفائن بابت قطعي فيصلو قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ڪندو، عمران خان 9 ۽ 10 مئي جي واقعن جي ذميواري قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، پاڪستان ٺاهيندڙ ۽ ساڙيندڙن ۾ فرق سڀني ڏسي ڇڏيو آهي.
گجرانوالا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خرم دستگير چيو ته وڳوڙين فوجي ۽ سول ملڪيتن تي حملا ڪيا.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ٺاهيندڙ ۽ ساڙيندڙن ۾ فرق سڀني ڏسي ڇڏيو، هڪ ڀيرو استعيفيٰ منظور ٿي وڃي ته واپس وٺڻ جي ڪابه شق موجود ناهي.
وفاقي وزير خرم دستگير چيو ته هنن هميشه پنهنجو جمهوري فرض ادا ڪيو آهي، پي ٽي آءِ ميمبرن جي استعيفائن بابت قطعي فيصلو قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ڪندو، عمران خان 9 ۽ 10 مئي جي ذميواري قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
هن چيو ته وڳوڙي عنصرن عام شهرين جي موٽرسائيڪلن کي ساڙي ڇڏيو، دير ۾ اسڪول ساڙيو ويو ان کان اڳ رڳو دهشتگردن اسڪول ساڙيو.
توانائي وارو وفاقي وزير خرم دستگير خان چيو ته پي ڊيم ايم حڪومت شفاف ننڍي چونڊ ڪرائي، سياسي عدم استحڪام سبب ملڪ کي معاشي نقصان ٿي رهيو آهي