سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريليون ڪڍي پاڪ فوج زنده آباد جا نعرا هنيا ويا.
قمبر ۾ شاهه لطيف ڊگري ڪاليج جي شاگردن پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي پاڪ فوج جي حق ۾ نعريبازي ڪئي وئي.
ڪوٽڏيجي ۾ پاڪ فوجي حمايت ۾ سياسي سماجي تنظيمن پاران اسسٽنٽ ڪمشنر دريا خان چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اي سي آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.
اڏيرو لعل ۾ السيد مدثر اڪيڊمي طرفان پاڪ فوج جي حمايت ۾ سيد عبدالعزيز شاهه، سعيد احمد عمراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اڪيڊمي کان بس اسٽاپ چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي.
ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ملڪ ۽قوم خاطر ڏنل جانين جي قرباني تي اسان پاڪ فوج جي جوانن کي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا.
هنن چيو ته هو پاڪ فوج خلاف واويلا ڪندڙن کي ٻڌائڻ چاهن ٿا ته قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته قومي ادارن تي حملا ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
سندن چوڻ هو ته سياسي يا غير سياسي قوتون، جن فوجي ۽ سرڪاري ملڪيتن تي حملا ڪري نقصان پهچايو ان جي مذمت ڪيون ٿا.
اڳواڻن چيو ته پاڪ فوج ملڪ ۽ عوام جي حفاظت لاءِ بيمثال قربانيون ڏنيون آهن، پاڪ فوج خلاف واويلا ڪندڙن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو