سن ۾ سول سوسائٽي طرفان ڀان سيد آباد ۾ قتل ٿيل ناري نورين فاطمه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي.
سول سوسائٽي طرفان واحد بخش ڇڇر، سعيد زمان ملاح، وقار جويو، باسط سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻِي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو.
ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ٽيچر نورين فاطمه جو قتل سنڌ جي شعور جو قتل آهي.
احتجاج ڪندڙن چيو ته، جهالت جي دور وانگر مودجوده دور ۾ به نياڻين کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو پيو وڃي.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ٽيچر نورين فاطمه جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرت جو نشان بڻايو وڃي