ٺل ويجهو جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي گهر واري کي قتل ڪري فرار ٿي ويو، پوليس لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ ڇٽو ڊول ۾ جوابدار محمد علي بنگلاڻي ڪارنهن جي تهمت مڙهي پنهنجي 25 ورهين جي گهرواري عائشه بنگلاڻي کي قتل ڪري ڇڏيو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ناري جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار پنهنجي گهر واري کي نوجوان سان ڪارو قرار ڏئي قتل ڪيو آهي.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوابدار جي فرار ٿي ويو آهي، سندس والد کي گرفتار ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي