بخشاپور ويجهو سيد برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو، جنهن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو.
خير شاهه واري علائقي هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان سيد نادر علي شاهه کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي تڪرار تا پيش آيو آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
نوجوان جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو