ٽنڊي غلام حيدر ويجهو 5 ٻارڙن جي ماءُ گهرو پريشانين کان تنگ اچي مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.
ڳوٺ علي مراد لاشاري ۾ 32 ورهين جي ماروي زال ڍولو ڪولهي مبينا طور ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ناري جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي وارثن عورت جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن ناري جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي