ايران چيو آھي تھ سعودي عرب کي ڪڏھن بھ پنھنجو دشمن ناھي سمجھيو.
عرب ميڊيا موجب ايران جي صدر ابراھيم رئيسي پنھنجي بيان ۾ چيو تھ اسلامي جمھوريھ ايران جي قانون موجب اسرائيل کي اسلام جو دشمن سمجھي ٿو، ايران ڪڏھن بھ سعودي عرب کي پنھنجو دشمن نھ سمجھيو آھي.
واضح رھي تھ ھلندڙ سال مارچ ۾ سعودي عرب ۽ ايران علان ڪيو ھو تھ ھو ستن سالن بعد سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ لاءِ چين جي ٽياڪڙي ۾ ھڪ معاھدي تي پھتا آھن.
ان معاھدي تحت ٻئي ملڪ سفارت خانھ ۽ قونصل خانھ ٻيھر کوليندا، 20 سال اڳ طئي ٿيل سڪيورٽي ۽ اقتصادي سھڪار جي معاھدن تي عملدرآمد تي بھ اتفاق ڪيو ويو ھو