پاڪستان جي صورتحال تي 16ڪئنيڊين پارليامينٽ جي ميمبرن ڪئنيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو کي خط لکي ڇڏيو.
خط جي متن موجب پاڪستان ۾ پر امن مظاھرن جي اجازت ھجڻ گھرجي، پاڪستان ۾ تشدد جي سمورن واقعن سميت بي گناھھ شھرين، صحافين ۽ ٻين ماڻھن جي گرفتاري جي مذمت ڪجي ٿي.
متن موجب گرفتار ماڻھن تي ڪيس سول عدالت ۾ ھلايا وڃن، عمران خان تي لاڳو الزام کلي عدالت ۾ واضح ڪيا وڃن ۽ پاڪستان کي پنھنجي قسمت جو فيصلو آزاد ۽ شفاف چونڊن سان ڪرڻ گھرجي.
خط جي متن ۾ اھو بھ لکيو ويو آھي تھ پاڪستان ۾ جمھوري قدرن جي حڪمراني لاءِ ھو ساٿ ڏيندا، پاڪستان جي صورتحال تي سخت رد عمل ڏنو وڃي.
خط تي ڪئنيڊين پارليامينٽ جي ميمبرن اقرار خالد، شفقت علي، سمير زبيري، پال شيانگ، ياسر نقوي ۽ ٻين جون صحيحون ٿيل آھن